اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ يو اي اي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زيد النهيان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ يو اي اي جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يو اي اي جي قيادت جي سٺي صحت ۽ ڀائر اماراتي عوام جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. يو اي اي جي ولي عهد وزيراعظم پاڪستان کي عيد جي مبارڪباد ڏيندي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن ٻن??ي ڀائر مل??ن جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل ڊگهي مدي و??رن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي و??جايو. وزيراعظم يو اي اي جي پنهنجي تازي دوري دوران ولي عهد سان پنهنجي تفصيلي مشاورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار ميزباني تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي و??پار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ هو يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهش??ند آهي. وزيراعظم پنهنجي يو اي اي جي تازي دوري جي فوري پوءِ گڏيل عرب امارات جو معاشي وفد موڪلڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻن??ي ڀائرن عوام جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. وزيراعظم ولي عهد کي پنهنجي اولين فرصت ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي حصيداري عمل ۽ عالمي سطح تي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.