اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاسپورٽ ايڪٽ 1974ع تحت ??ڪ کان وڌيڪ پاڪستاني پاسپورٽس رد ڪيا ويندا، وفاقي ڪابينا جي 10 مئي 2022ع جي اجلاس ۾ پاسپورٽ ايڪٽ 1974ع تحت ??ڪ کان وڌيڪ پاڪستاني پاسپورٽس رد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، غير ملڪي پاسپورٽس رد ڪرڻ جي خبر غلط رپورٽ ٿي آهي. پنهنجي وضاحتي ب??ان ۾ هن چيو ته ٻه پاڪستاني پاسپورٽس رکڻ ڏوهه آهي، ٻه پاڪستاني پاسپورٽ رد ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2022ع مقرر ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ان فيصلو ٻاهرين ملڪ شهريت رکندڙ يا غير ملڪي پاسپورٽس تي لاڳو نه هوندو.