اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جي خلاف ظالماڻا قدم مذمت جوڳا آهن، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان وادي??َ ۾ ڪشميري ??وام تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلو 75 سالن کان ح?? نه ٿي سگهيو، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان وادي??َ ۾ ڪشميرين تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ??هيا آهيون ۽ اسان آخري ??م تا??ين اها ڪوشش جاري ??کنداسين. هن چيو ته اسان جو اسلامي ۽ اخلاقي فرص بڻجي ٿو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي نه رڳو آواز اٿاريون پر عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. خورشيد شاهه ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري ??وام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي، ان جي خاتمي لاءِ اسان کي انسانيت جي نالي تي عالمي برادري ??ي ضمير کي بيدار ڪرڻ ۽ تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن ح?? جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻو پوندو. هن چيو ته ڪشميرين جو موثر آواز بڻجڻ جي لاءِ اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙو طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو.