اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي ان??ها??ي ڏک آهي، حڪومت جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي، عالمي ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ اڳتي اچن، اڪيلي حڪومت متاثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چي??، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن، صحت جي عالمي اداري جا نمائندا پڻ اج??اس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اج??اس کي خطاب ڪندي چي?? ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحا?? آهي، ??ڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شام?? آهن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چي?? ته 2010ع کان به وڌيڪ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن جي متاثرين کي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته وفاقي حڪومت، صوبن، مرڪزي ۽ صوبائي کاتن جي حصيداري سان ڪم ڪري رهي آهي، ??وري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين جي ٻوڏ متاثرين کي فوري روڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، مجموعي طور تي 37 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿيندي. هن چي?? ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو وڌيڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوبائي حڪومتون متاثرين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري سگهن، عالمي ادارن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ادارن جو هنگامي تعاون گهرب?? آهي. وزيراعظم چي?? ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، ??هرين ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهيان، وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي اچي. هن چي?? ته عالمي مالياتي ادارن، تنظيمن جي مدد سان متاثرين جي مدد ۾ وڏي مدد ملندي، ??وج، سرڪاري ادارا، شهري خدمتن جا ادارا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل ان??ها??ي ڏکوي?? آهي، جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم انٽرنيشنل پارٽنرز کي اپيل ڪئي ته اهي وسيلن جي دستيابي سان اسان جي مدد ڪن. هن چي?? ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري شين جي فراهمي گهرب?? آهي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي متاثر علائقن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، ??اڪستان حڪومت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز جي دوري جا انتظام ڪندي.