اسلام آباد – 09 – س??پٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ وا??ارين ۽ صنعتڪارن جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش ڪيو. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وفد ۾ سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه مسعود اختر، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان عمران اڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪرام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ وا??اري شامل هئا. وفد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڏي رقم جو عطيو وزيراعظم کي پيش ڪيو. وفد پاران راشن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته سيالڪوٽ جي وا??اري برادري متاثر علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير جي لاءِ پڻ سيالڪوٽ جي وا??اري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم وفد پاران عطيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر طبقي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي وا??ارين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسواءِ ٻوڏ پاڻ سان گڏ فصلن، چوپائي مال ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي پڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ سٽيلن کي في خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ ان مد ?? وفاقي حڪومت 70 ارب رپين جي رقم رکي آهي.