اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فر??نس جي سفير نڪلوس گيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان فر??نس سان ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي پراڻي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ ت??زي ٻوڏ سبب ٿيندڙ شدي?? تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪمن تي ??وشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثر ماڻهن سان يڪجهتي ۽ مدد تي فر??نسيسي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته نقصانن جو پئمانو ۽ شدت ايتري وڏي آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي حمايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلين ۾ نه هجڻ جي برابر ڪردار جي باوجود ان جو شڪار آهي ۽ تازي ٻوڏ ان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته فوري ريسڪيو کانسواءِ فر??نس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ٻطرفي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ فر??نس سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فر??نسيسي سفير ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ فر??نس سان مسلسل رابطي جو منتظر آهي.