نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز ??ري?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزير??عظ?? جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب وزير??عظ?? شهباز ??ري?? گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سان ملاقاتون ڪندو. وزير??عظ?? شهباز ??ري?? جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزير??عظ?? شهباز ??ري?? اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ڪندو. وزير??عظ?? ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ڪندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ملاقات ڪندو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. وزير??عظ?? فن لينڊ جي صدر ر??ائ?? لي ني نيستو سان ملاقات ڪندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزير??عظ?? سان ملاقاتون به وزير??عظ?? جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزير??عظ?? شهباز ??ري?? لڪسمبرگ جي وزير??عظ?? زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزير??عظ?? اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ڪندو. وزير??عظ?? عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزير??عظ?? شهباز ??ري?? 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.