اسلام آباد-30 سيپٽمبر (ا?? پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي ??دارت هيٺ گذريل ڏينهن اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ، طبي وسيلن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اين ايف آر سي سي مطابق وفاقي يونٽن کي چيو ويو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي پرگهور واري عملي جي ??ستيابي ۽ عملي جو انگ وڌايو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته هو اين فائيو جي ??حاليءَ کي يقيني بڻائي ته جيئن سپلاءِ ج?? رستا کُليل رهن. هن سنڌ ۽ بلوچستان جي ??ڪومت کي هدايت ڪئي ته هو پاڻيءَ هيٺ آيل علائقن ۾ پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪن. فورم کي ٻُڌايو ويو ته متاثر ضلعن ۾ خوراڪ ۽ ٻين شين جي ??مام گهڻي ضرورت آهي، عورتن ۽ ٻارن کي خصوصي غذائي شيون جهڙوڪ کير، اناج، عورتن لاءِ اضافي خوراڪ جي ??شد ضرورت آهي، جيئن جيئن ٿڌ جي موسم شروع ٿي رهي آهي ته هڪ وڏي آباديءَ کي پناهگاهن ۽ خيمن جي ??رورت آهي. فورم زور ڀريو ته حڪومتي وسيلن سان گڏوگڏ عوام ?? فلاحي تنظيمن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن آسانيءَ سان رليف ڪيمپن تائين پهچي سگهجي ۽ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن تائين عطيا پهچائي سگهن.