اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستا??ي سفارتخاني جي ڪ??پا??ونڊ تي جمعي ڏينهن حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستا??ي سفارتخاني جي ڪ??پا??ونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستا??ي سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آف مشن جي حفاظت ڪ??دي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستا??ي سفارتخاني جي هيڊ آف مشن تي قاتلاڻي حملي ۽ سفارتخاني جي ڪ??پا??ونڊ تي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان حملي جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستا??ي سفا??تي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.