اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس ان??ارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو خصوصي قدم، پاڪستان ان??ارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ جي صحافين جي لاءِ تربيتي ورڪشاپس جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 کان وڌيڪ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن جن ۾ 1500 جي لڳ ??ڳ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان ان??ارميشن سينٽر جي قيام جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان ان??ارميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحافين کي تربيت ڏني وئي. صحافتي حلقن خاص طور تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافت تنظيمن پاران پڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ان قدم کي خوب ساراهيو ويو. ان??ن تربيتي ورڪشاپس جي انعقاد جو سلسلو نه رڳو صوبائي گادي وارن شهر پر ملڪ جي ٻين علائقن خاص طور تي اندرون بلوچستان، سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن تائين ڦهلايو پ??و وڃي ته جيئن ان??ن علائقن ۾ رهندڙ صحافين کي به تربيتي ورڪشاپس مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي سگهي. پاڪستان ان??ارميشن سينٽر پاران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان??يسٽي گيٽو جرنلزم، ڊيجيٽل ميڊيا اٿينٽسٽي، فيڪ ن??وز ۽ ڊاڪيومينٽري ميڪنگ جهڙن اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. ان??ن تربيتي ورڪشاپس ۾ سينيئر جرنلسٽس، ميڊيا معاملن سان لاڳاپيل ماهرن، ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس جي استادن کان فائدو کنيو پ??و وڃي ۽ ان??ن کي بطور ٽرينر ان??ن ورڪشاپس ۾ گهرايو پ??و وڃي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ ان??ارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو پ??و وڃي.