اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتم?? بابت وفاقي محتسب جي انهن حڪمن کي برقرار رکيو آهي ته چئن ڀينرن کي انهن جي مرحوم والد جي وراثت ۾ ملندڙ ??ائ??داد ۾ انهن جو حصو ڏيڻ کانپوءِ ??ائ??داد کي کليل نيلامي/ وڪري ۽ ان سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ ورهائي ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهي حڪم انفورسمنٽ آف وومينز پراپرٽي رائيٽس ايڪٽ 2019ع تحت ڏنا آهن، ڀينرن هراسيت جي خاتم?? بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته انهن جي ڀائرن پنهنجي فوتي والد جي ??ائ??داد ۾ پنهنجو وراثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو لاڳاپيل حصو انهن کي ڏياريو وڃي. صدر هراسمينٽ جي خاتم?? بابت وفاقي محتسب بمقام ڪار جي حڪمن کي برقرار رکيو، صدر 4 ڀينرن کي وراثتي ??ائ??داد ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي ??ائ??داد جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورهائي وڃي. چئن ڀينرن ڀائرن پاران وراثتي حق نه ڏيڻ تي هراسمينٽ جي خاتمي واري محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. صدر نشاندهي ڪئي ته فوتي جي قانوين وارثن رضامندي سان هڪ بيان تي صحيحون ڪيون، معاهدي تحت ڪميشن جي ذريعي ??ائ??داد جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ هر حصيدار کي شرعي حصو ڏيڻو هو، صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته رڳو هڪ ڌر جي خواهش تي اهڙي طرح جي حل کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ڀاءُ محتسب آڏو پنهنجي رضامندي سان گڏيل بيان تي صحيحون ڪيون. تفصيل موجب سڳي ڀينرن شبانه حنيف، نبيل الفت، ريحانه ذوالفقار ۽ نائلا نعيم (شڪايت ڪندڙ) هراست جي خاتمي واري محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي هئي، والد ورثي ۾ راولپنڊي ۾ ٽي ماڙ گهر ڇڏيو هو، عورتن جي چئن ڀائرن ??ائ??داد ۾ حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، هڪ ڀاءُ محتسب آڏو دعويٰ ڪئي ته شڪايت ڪندڙ پنهنجو حصو وصول ڪري چڪي آهي ۽ بعد ۾ محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي، ڌرين محتسب آڏو اتفاق ڪيو ته ??ائ??داد لاڳاپيل حصن موجب ورهائي وڃي، ??ائ??داد قابل ورڇ نه هجي ته وڪرو سان حاصل ٿيندڙ رقم ڀينرن ڀائرن ۾ ورهائي وڃي. حل کانپوءِ ڀاءُ تنوير سرفراز خان دعويٰ ڪئي ته ڀينرون اڳ ۾ ئي پنهنجو حصو وٺي چڪيون آهن ۽ اهو ته حل جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. محتسب ڀاءُ جي دعويٰ کي رد ڪري ڪيو ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب وڪري جي لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. تنوير سرفراز خان فيصلي جي خلاف صدر کي درخوست داخل ڪئي جنهن کي صدر ڄاڻايل بنيادن تي رد ڪري ڇڏيو.