اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين عوامي مفاد جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان ويجهي لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ ۽ چين جي بنيادي مفادن جي اڻٿڪ حمايت کي ??رجايو آهي جڏهن ته چيني وزيراعظم چيو آهي ته چين سدائين پاڪستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٽيليفون ??ي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ حصيداري جي بهترين روايتن کي ??ظر ۾ رکندي گرمجوشي ۽ دوستي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني وزيراعظم هڪ ٻئي کي ??ئين سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 2022ع ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تي پهچي ويا هئا. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۾ ٻطرفي تعاون ??ي مستحڪم رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ن??مب?? 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري ۽ چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته چين سان ويجهن لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي ۽ پاڪستان چين جي بنيادي مفادن تي اڻٿڪ حمايت کي ??رجائي ٿو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن کي ??قت سر مڪمل ڪرڻ تي پاڪستان جي پڪي عزم کي ??رجائيندي چيني وزيراعظم ??ي يقين ڏياريو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن جي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ۽ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪندو. وزيراعظم لي ڪي چيانگ وزيراعظم ??ي يقين ڏياريو ته چين پاڪستان کي ??ه رڳو هڪ تزويراتي دوست پر هڪ اهڙي ملڪ طور ڏسي ٿو جنهن جو استحڪام ۽ معاشي ڀلائي خطي ۽ چين جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. چيني وزيراعظم چيو ته چين سدائين پڪاستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چين جي وزيراعظم کي ??اڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر ??عم??ر ۽ بحالي ۾ تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چين جي فوري ۽ فراخدلاڻي مدد تي پاڪستان پاران دل سان ٿورا مڃيا. چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ وزيراعظم شهباز شريف کي چين پاران پاڪستان جي نئين سر ??عم??ر جي ڪوششن ۽ ڪانفرنس جي ڪاميابي جي لاءِ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۽ چين جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي تعاون ??ي ايجنڊا کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.