اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عار?? علوي پنجگور، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو آه??. ا??وان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. هن دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ڊا??ٽر عار?? علوي شهيدن جي خدمتن ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شه??د اهلڪارن جي بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.