اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ماحول??ات پروگرام پاران ٿيندڙ ڪم کي ساراهيندي ماحولياتي تبديلين، ح??اتياتي تنوع جي نقصانن ۽ ماحولياتي نظام ۾ ٿيندڙ تبديلين کي وڌيڪ موثر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ماحول??ات پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (يو اين اي پي) اينگر اينڊرسن ملاقات ڪئي. اينگر اينڊرسن پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي اڄ وڏن مسئلن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا. اينگر اينڊرسن وزيراعظم کي يو اين اي پي پاران پاڪستان ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ يو اين اي پي ۾ پ??ڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته يو اين اي پي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ پ??ڪستان جو ساٿ ڏي.