اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ترڪيه جي صدر س??ن ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي انساني جاني?? جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ ت??زي?? جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عو??م سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عو??م سان ڀرپور تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي?? جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويل?? جي مغفرت، پونئير?? جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردو??ن ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وزيراعظم ۽ پاڪستاني عو??م جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.