ا??لا?? آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ايوارڊ يافته ناليواري شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس امجد ا??لا?? امجد جي لاڏا??ي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان موجب صدر امجد ا??لا?? امجد جي ادبي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ وڏي شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي ويو. هن چيو ته اردو ادب ۾ امجد ا??لا?? امجد جو خال ڀرجي نٿو سگهجي، مرحوم فن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اردو ادب جي لاءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر ا??دو زبان جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي امجد ا??لا?? امجد جي لاڏا??ي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب فرمائي. هن مرحوم جي مغفرت جي دعا ۽ وارثن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.