اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ??غداد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب عراقي گادي واري شهر بغداد پهچڻ تي ??راقي نائب پرڏيهي وزير سميت ٻين ??راقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي مل??ن جا پرڏيهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران عراقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپ??يڪ?? جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي ??عاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي ??حيحون پڻ متوقع آهن.