اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن جي حوالي سان مشاورتي عمل کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو و??ي، چين مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبو پاڪ چين مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي، سماجي شعبن خاص طور تي غربت جي خاتمي ۽ زراعت جهڙن شعبن جي فروغ جي ڏس ۾ چين جي تجربي مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ا??ي هدايتون پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.