اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام گذريل 70 سالن کان پنهنجو خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڀارت غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن ذريعي والاريل ڪش??ير تي جابراڻو ڏاڍ قائم ڪري رکيو آهي، پاڪستان ڪش??يري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکند??، ڀارت انتهاپسنداڻي هندوتوا سوچ جي ور چڙهيل آهي ۽ باهه سان کيڏي رهيو آهي، عالمي برادري والاريل ڪش??ير جي عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏي??رڻ ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪش??ير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.