اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منا??عي خوري ۽ اسم??لن?? ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صورتحال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کا?? وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انت??ائ?? نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، ڪورونا هڪ قومي مسئلو آهي ان حوالي سان سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کا?? پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صورتحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳال??ائ??ندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ان جي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کا?? قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.