اسلام آباد – 05 R11; جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خودمختياري وارو حق انساني احترام جو بنيادي جزو آهي، عا??مي برادري کي ڀارتي غير قا??وني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوال?? سان پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حمايت جاري رکندو. ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چ??و ته هر سال پنج جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عا??مي برادري ڀارتي غير قا??وني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوال?? سان پنهنجي ذميدارين کان نظرون نٿي ڦيرائي سگهي.