اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل ضلعن ۽ بلوچستان جي سرح??ي علائقن ۾ رهندڙ آبادي جي خوشحالي جي لاءِ سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون، اهي مارڪيٽون قائم ٿيڻ سان نه رڳو مقام?? آبادي کي روزگار پر اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ – افغان ۽ پاڪ – ايران سرح??ي علائقن ۾ بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ ??ي حوالي سان اڳڀرائي تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.