اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪست??ن ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ج?? عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خ??ن ۽ شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفن لاڳاپن ?? اضافي جي لاءِ ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ادارن ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ ??تفاق ڪيو.