اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽيڪس محتسب ??ي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر ايف بي آر کي جعلي ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپين جي وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏي??. و??اقي محتسب ??يف بي آر جي علائقائي آفيسن پاران ريفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو ه??. و??اقي ٽيڪس محتسب ??يف بي آر کي جعلي رسيدن جي بنياد تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب ??ي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر ايف بي آر پاران جعلي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي عملدارن جعلي رسيدن جي بنياد تي 13 – 2012ع ۾ جعلي رجسٽرڊ پرسن کي هڪ ڪروڙ 44 لک ??ان وڌيڪ ٽيڪس ري فنڊ ڪيو، ايف بي آر عهديدارن جي ملي ڀڳت سان رقم واپس ڪئي وئي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي.