اسلام آباد – 31 ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي جمهوري ۽ چونڊ عمل هاڻي وڌيڪ ڪنهن اهڙي نظام کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي جتي نظام تي سوال اٿاريا وڃن، ماضي جي تجربي جي روشني ۾ چونڊ عمل کي هر ممڪن طريقي سان شفاف، محفوظ ۽ غي??جا??بدار بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جمهوريت جي مفاد ۾ آ??ي، اليڪٽرانڪ مشين کي جديد سيڪيورٽي فيچر سان لي?? ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ ترقي يافته ملڪن جي تجربي کي پڻ سامهون رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.