اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي ا??تصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو، بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، بجلي بابت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪاري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور پل??نٽس قائداعظم ٿرمل پاور پل??نٽ، بلوڪي پاور پل??نٽ ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پل??نٽ لاءِ پاور پرچيز ايگريمينٽ ۽ گئس سپلائي ا??گريمينٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پي ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماهوار پيداواري منصوبو داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، بجلي جو خريدار پنهنجي ضرورتن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور پرچيز ايگريمينٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ا??گري مينٽ موجب ماهوار ڊليوري پل??ن کي پاور پرچيز ايگريمنٽ جي ماهوار شيڊول سان جوڙيو ويو آهي، ماهوار پيداواري منصوبو(ايم پي پي) تي ا??ندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پيداواري منصوبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ا??ندي ۽ بجلي ۽ گئس جي خريد ۽ فڪسڊ بدران حقيقي ضرورتن موجب خريداري ڪري سگهندا.