اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ماحوليات بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي ج?? ميزباني پا??ستان جي لاءِ فخر آهي، پا??ستان 10 لک هيڪٽر ٻيلن جي بحالي ج?? دنيا سان واعدو ڪيو آهي ۽ ان چئلينج کي قبول ڪيو آهي، پا??ستان پارا?? ايڪو سسٽم جي بحالي ج?? فلسفو فطرت جو تحفظ ۽ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي ج?? تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم عمران خان هو ۽ ان تقريب کي دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن به خطاب ڪيو. ملڪ امين اسلم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پا??ستان کي اهو اعزاز مليو آهي ته هو ??احوليات جي عالمي ڏهاڙي ج?? مرڪزي تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي ج??ڪو اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي سا?? ايندڙ 10 سالن ۾ رخ جو تعين ٿيندو، دنيا جيڪڏهن ان دوران پنهنجو رخ تبديل نه ڪيو ته مستقبل ۾ حالتون مختلف هونديون. هن چيو ته اسان کي ماحول سان جنگ ناهي ڪرڻي پر ان کي پنهنجو دوست بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ هن وقت تائين 80 هزار ماڻهن کي گرين روزگار سان لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هن سال 2 لک جو وڌيڪ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو 10 ارب وڻ پوکڻ جي ويزن تحت هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون. هن چيو ته پا??ستان دنيا جو 10 لک هيڪٽر وڻ لڳائڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي ان سان نه رڳو دنيا پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به فائدو ٿيندو ان پروگرام جي تصديق ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پا??ستان ۾ هڪ سال ۾ 15 نوان قومي پارڪس ٺاهيا ويا آهن جنهن کانپوءِ هاڻي قومي پارڪس سروس جو آغاز ڪري رهيا آهيون ان تحت زيارت ۾ اڪيڊمي ٺا??ي رهيا آهيون اتان کان تربيت حاصل ڪندڙ 15 هزار نوجوانن کي انهن قومي پارڪس ۾ روزگار ڏينداسين،