اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيو آهي، مختلف شعبن ۾ منافع بخش سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي ڀرپور امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوڪا ڪولا لائيسڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزي??اع??م سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي س??ير احسان مصطفيٰ يردڪل، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، وزي??اع??م جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به شريڪ هئا، وفد ۾ ڪوڪا ڪولا آئسيڪ پاڪستان جو جنرل مينيجر احمت ڪرسدارتن، ڪوڪا ڪولا پاڪستان جو ڊائريڪٽر ۽ ڪارپوريٽ افيئرز مينيجر شامل هئا. وفد وزي??اع??م کي ڪوڪا ڪولا ڪمپني پاران پاڪستان ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان منصوبابندي تي آگاهه ڪيو، وفد وزي??اع??م کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي آئينده بيوريج پلانٽ جي منصوبي جي حوالي کان ب?? آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان منصوبي جو سنگ بنياد عنقريب رکيو ويند??. ا?? نئين پلانٽ جي ڪري مقامي آبادي لاءِ ملازمت جا سڌو سنوان ۽ اڻ سڌا موقعا، ذيلي صنعتن جي لاءِ منافعي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ حڪومت پاڪستان جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو.