ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو آهي ته را??دي?? جي سرگرمين سان صحتمند مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي، عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي سان ويمن ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر سيد ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، را??دي?? وارو سيڪريٽري عمران گچڪي به موجود هئا، صدر ٽورنامينٽ کي ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ملڪ ۾ صحتمنداڻي سرگرمين جي فر??غ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي جو چوڻ هو ته را??دي?? جي سرگرمين سان صحتمنداڻي مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي. عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ويمن ڪرڪيٽرز ملاقات ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي انعقاد تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو.