فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ ??ڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پو??ي دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپ??ءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ ??ڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پو??ي دنيا موسمياتي تبديلي کان ??تاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ??وسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي وڻڪاري مهم کي پو??ي دنيا ساراهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.