اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ان نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد ??ان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر ??ان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري ??اڳاپن ۾ اضافي جي ضرور?? آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نائيجر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت ??ان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري ??عاهدي جي ضرور?? آهي. نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پاڪستان ??ان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان ??ان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري ??ظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. نائيجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صد?? کي نائيجر جي دوري جي به دعوت ڏني.