اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان ??ليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان ??وليس اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي ج??ري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ ان??اني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي ان??ايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان ??وليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان ??وليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته فرض سرانجام ڏيڻ ان??هائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان ??وليس اهلڪار جي ج??بي جي واکاڻ ڪئي.