اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان سا?? ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مير خان محمد جمالي، صداقت علي عباسي ۽ پنجاب جو تو??نا??ي وارو وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ شامل هئا. خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مير خان محمد جمالي وزيراعظم کي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي لاءِ رڪارڊ فنڊز جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. پنجاب جي تو??نا??ي واري وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ وزيراعظم کي صوبي ۾ تو??نا??ي جي مسئلن جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.