ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انتظامي خال کي نظرانداز ڪيو ويو ته بحران واري ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي گهرجي ته پنهنجي حڪومت جي دور جي ڪارڪردگي عوام آڏو رکن، شريف فيملي ڦريل دولت ملڪ کي واپس ڪري، وفاق پاران سنڌ کي ڏني ويندڙ رقم عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان جي حالتن تي گهري نظر رکيل آهي، انخلا جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي پوري دنيا ساراهيو آهي، جن ملڪن پي آءِ اي تي پابندي هنئي اهي افغانستان مان پنهنجي شهرين کي ڪڍڻ لاءِ پي آءِ اي کي درخواست ڪري رهيا آهن، فيصلا طاقت بدران عقلمندي سان ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته افغانستان ۾ هن وقت انخلا اهم مسئلو آهي پر افغانستان ۾ انخلا کان وڏو مسئلو انتظامي خال آهي، افغانستان ۾ ان خال کي نظرانداز ڪيو ويو ته بحران واري ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا درپيش خطرن کي محسوس ڪري، پاڪستان افغانستان جي حوالي سان اڳ ۾ ئي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا، وزيراعظم عمران خان جيڪا ڳالهه ڪري رهيو هو اها لفظ به لفظ سچ ثابت ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن دنيا پاڪستان جي مشوري تي عمل ڪري ها ته اڄ صورتحال بهتر هجي ها ۽ جيڪڏهن اڄ به پاڪستان جي مشوري تي عمل ڪيو وڃي ته سڀاڻي صورتحال بهتر هوندي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، سڄي دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، هڪ ٻئي جو خيال رکڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا کي افغانستان جي بحيثيت ملڪ ناڪام هجڻ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ حڪومت ٺاهڻ افغان عوام جو ڪم آهي، افغانستان ۾ ٺوس حڪومت ٺهڻ گهرجي، افغانستان ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان طالبان جا بيان حوصلي جوڳا آهن. هن چيو ته افغانستان جي موجوده عملدارن سان ڳالهين جي ضرورت آهي، دنيا سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ گورننس ۾ افغانستان جي مدد ڪري. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف عوام آڏو پنهنجي ٽي سالا ڪارڪردگي 2018ع کان 2021ع پيش ڪئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي 13 سالا ڪارڪردگي جي حوالي سان عوام کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) کي گهرجي ته پنهنجي حڪومت جي دور جي ڪارڪردگي عوام آڏو رکي، مخالف ڌر کي پنهنجي ٽي سالا ڪارڪردگي بابت به آگاهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر ڪڏهن به اصل مسئلن طرف نشاندهي نه ڪئي. انهن ڪڏهن به افغانستان جي صورتحال، پرڏيهي پاليسي ۽ اقتصادي پاليسي بابت پنهنجي حڪمت عملي کان عوام کي آگاهه نه ڪيو. هن چيو ته ريٽنگ جي چڪر ۾ حڪومت تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، هاڻي ماڻهو انهن جي تنقيد کي سنجيده نه ٿا وٺن جنهن سان انهن جي ريٽنگ هيٺ آئي آهي. هن چيو ته ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود ملڪي معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڪورونا جي دوران بهتر قدمن جي حوالي سان پاڪستان ٽئين نمبر تي رهيو. هن چيو ته ملڪي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو جڏهن ته ٽن سالن ۾ گهٽ ٿي 1.8 ارب ڊالر رهجي ويو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ٽي سال اڳ 16.4 ارب ڊالر هئا جيڪي هاڻي وڌي 27 ارب ڊالر ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت سنڀالي ته ٽيڪس اوڳاڙيون 3800 ارب رپيا هيون هاڻي 4700 ارب رپيا آهن، مٽاسٽا جو ناڻو 19.9 ارب ڊالر مان وڌي ٽن سالن ۾ 29.4 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ٽن سالن ۾ صنعتن جي واڌويجهه جي شرح ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سيمنٽ جي پيداوار ۾ 42 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ آبادگارن کي 1100 ارب رپيا اضافي آمدني ٿي، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ واپاري برادري جي اعتماد ۾ 108 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ مليو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم جلسيءَ ڪري رهي آهي ان کانپوءِ فضل الرحمان بيمار ٿي پوندو، مسلم ليگ (ن) سڀ کان اڳ ليڊر جي چونڊ پوءِ جلسا ڪري، لنڊن ۾ شريف فيملي هڪ شادي تي ملين ڊالرز خرچ ڪيا، اهي اهڙيون تقريبون پاڪستان مان ڦريل پئسن سان نه ڪن، واپس پاڪستان اچن، عدالتن کي منهن ڏين ۽ شريف فيملي ڦريل دولت ملڪ کي واپس ڪري. هن چيو ته اندرون سنڌ جي عوام کي خراب حالتون درپيش آهن، وفاق پاران سنڌ کي ڏني ويندڙ رقم عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي، سنڌ ۾ گورننس جون حالتون تمام ڳڻتي جوڳيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ جي عوام جي لاءِ صحت جي سهولتن تي ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ انتظامي معاملا بحران جو شڪار آهن، سنڌ حڪومت نه پاڻ ڪم ڪري رهي آهي نه وفاق کي ڪرڻ ڏئي رهي آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي لاءِ 1100 ارب رپين جي رقم رکي آهي. هن چيو ته پوري پاڪستان مان ٽيڪس گڏ ڪري صوبن جو حصو انهن کي ڏنو وڃي ٿو پر جڏهن سنڌ کان ان رقم بابت حساب گهريو وڃي ٿو ته چون ٿا ته اهو صوبائي معاملن ۾ مداخلت آهي. هن چيو ته بنيادي ترقياتي ڪم صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي، صوبن کي آرٽيڪل 149 اي تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ بلدياتي حڪومتن کي اختيار منتقل ڪرڻ گهرجن، سنڌ صوبي ۾ بلدياتي حڪومتن جو بااختيار نظام قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته افغانستان مان هيستائين 4400 پرڏيهي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڏني آهي، پرڏيهين جي انخلا جي لاءِ پنهنجون سرحدون کولي ڇڏيون آهن جن افغانين وٽ ويزا ۽ سفري دستاويز هوندا اهي پاڪستان اچي سگهن ٿا، مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ ادارا مستحڪم ٿيندا ته ملڪ مستحڪم ٿيندو، افغانستان جي استحڪام ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 27 سيڪڙو جڏهن ته آمدني ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، وفاقي حڪومت زراعت ۽ صنعت جي حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا، ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان واڳيل آهي، انهن کي 1100 ارب رپيا اضافي ڏنا ويا، ڪڻڪ جي قيمت 1200 مان وڌائي 1800 رپيا في مڻ جڏهن ته ڪمند جي قيمت 135 رپين مان وڌائي 300 رپيا في مڻ تائين پهچي وئي آهي، موٽرسائيڪلز، گاڏين ۽ ٽريڪٽرن جي خريداري ۾ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل ڪمپنين جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيو آهي، تعميراتي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن سميت ٻين ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته مهانگائي سان پگهاردار طبقو خاص طور تي ميڊيا ملازم متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته حڪومت ميڊيا ملازمن جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، ميڊيا ورڪرز جي حقن جو هر حال ۾ تحفظ ڪنداسين، حڪومت ميڊيا مالڪن کي 70 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن پر ميڊيا ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو، ميڊيا مالڪن کي صحافين جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ پارٽي چونڊون آئيني مدي دوران ٿينديون، ملڪ ۾ سياسي پارٽين ۾ اعتماد جوڳو پارٽي چونڊن جو نظام هجڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب صوبو ۽ ارسا پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي مانيٽرنگ جو نظام لڳائڻ چاهين ٿا پر سنڌ حڪومت کي ان تي اعتراض آهي ڇو ته ان نظام سان سنڌ جي وڏيرن جي زمينن کي پاڻي نه ملندو، پاڻي جي اچ وڃ جو رڪارڊ رکڻ سان عوام کي ان کان آگاهي حاصل ٿيندي، سنڌ حڪومت پاڻي جي مسئلي تي وفاق سان گڏ ويهي ڳالهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سرحد تي افغان پناهگيرن جو ڪو بار نه آهي، هيستائين رڳو 400 افغان پناهگيرن رجسٽريشن ڪرائي آهي جيڪڏهن اهو بحران وڌيڪ عرصو جاري رهيو ته پوءِ صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، افغانستان مان ايندڙ پناهگيرن جي لاءِ سرحدن تي انتظام ڪري رهيا آهيون ڇو ته انهن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ گرين بسن جو منصوبو وفاقي حڪومت جو آهي، وفاقي حڪومت جيترو ممڪن ٿي سگهيو سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ فيڪ نيوز کانسواءِ هر ترميم جي لاءِ تيار آهيون، ميڊيا ملازمن کي ڪيترائي مهينا پگهارون نه ٿيون ملن جيڪو افسوسناڪ آهي ائين نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان سدائين ڪمزور طبقي سان گڏ بيهڻ جو درس ڏنو آهي، اسان ڪمزور طبقن سان گڏ بيهنداسين.