اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته چي?? اليڪشن ڪمشنر پنهنجو پاڻ کي تڪرارن کان جدا ڪري، سندس رويي تي خدشا آهن، بظاهر اليڪشن ڪمشنر حڪومتي سڌارن جي ??خا??ف آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، اي وي ايم تي ڄاڻي واڻي اعتراض اٿاريا ويا، اي وي ايم جي حق ۾ مثبت مواد کي ضايع ڪيو ويو، ??خا??ف ڌر پنهنجي پيرن کان اڳتي جي سوچ رکي، بدقسمتي سان پاڪستان جي اندر اپوزيشن انتهائي نالائق ٻارن تي ٻڌل آهي جن زندگي ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ ڪڏهن ڪو ڪم ناهي ڪيو هوندو ۽ ان کانپوءِ مهتمم سان گڏجي امتحان پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اسان جا 49 سڌارا انهن کي پسند نه آهن ته اهي پنهنجا سڌارا کڻي اچن، فلپائن سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ اي وي ايم سان ڪامياب چونڊون ڪرايون ويون، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ اڳتي چونڊون صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته هو ڪابينا ۽ حڪومت جا فيصلا عوام تائين پهچائيندو آهي، پريس ڪانفرنس ۾ هو جيڪا به ڳالهه ڪندو آهي اها حڪومت جو موقف هوندي آهي. هن چي?? ته اي وي ايم بابت اليڪشن ڪمشنر جي رويي تي اسان کي تمام گهڻا خدشا آهن، اها ڳالهه ڏٺي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي رپورٽس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حق ۾ مثبت ڊيٽا کي ضايع ڪيو ۽ اهڙا اعتراض هنيا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن کي اي وي ايم جي خلاف رپورٽ ڏيڻي آهي. هن ٻڌايو ته سمارٽ ميٽڪ ڪمپني اليڪشن ڪميشن کي پريزنٽيشن ڏني، ان مختلف ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ اي وي ايم جي ڊيٽا کي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪيو. ان جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2007ع ۾ فلپائن ۾ پيپر بيسڊ اليڪشن ٿي، ان جو نتيجو اچڻ ۾ 6 هفتا لڳا. 2010ع ۾ اتي اي وي ايم تي اليڪشن ٿي جڏهن ته 2019ع ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون، ڪجهه ڪلاڪن ۾ انهن چونڊن جا نتيجا سامهون اچي ويا. 2007ع ۾ انهن چونڊن تي عوام جو اعتماد 35 سيڪڙو، 2010ع ۾ اهو وڌي 75 سيڪڙو جڏهن ته 2019ع ۾ 89 سيڪڙو ٿي ويو. 2007ع ۾ پيپر بيسڊ اليڪشن ۾ 1000، اليڪشن پٽيشنز فائيل ٿيون، 2010ع ۾ ڪل پٽيشنز 49 هيون جڏهن ته 2019ع ۾ 11 پٽيشنز داخل ٿيون. 2007ع جي اليڪشن ۾ 100 پرزائيڊنگ آفيسرز تشدد ۾ ماريا ويا، 2010ع ۽ 2019ع جي اي وي ايم اليڪشن ۾ اهڙو ڪو واقعو پيش نه آيو. ان ڪمپني جي اها رپورٽ انتهائي اهم آهي، ان ۾ ٻين ملڪن جون رپورٽون به شامل هيون. هن ٻڌايو ته فلپائن هڪ وڏي آبادي وارو ملڪ آهي ۽ ان جا مسئلا به اٽڪل پاڪستان سان ملندڙ جلندڙ آهن پر اليڪشن ڪميشن ان اهم مواد کي پنهنجي رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ۽ ان کي ڪڍيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 2011ع کان اهو مسلسل بحث ٿي رهيو آهي ته چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اي وي ايم تي وڃڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن 37 اعتراض لڳايا انهن مان 10 اعتراض اي وي ايم بابت هئا. هن وڌيڪ چي?? ته هن وقت ائين لڳي ٿو ته اليڪشن ڪمشنر اپوزيشن جي زبان ڳالهائي رهيو آهي، اي وي ايم کي جهڙي طريقي سان ڊس ڪريڊٽ ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائي پئي وڃي، ان مان صاف ظاهر آهي ته چي?? اليڪشن ڪمشنر انهن سڌارن جو ??خا??ف آهي جيڪي حڪومت آڻڻ چاهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اليڪشن ڪميشن جيڪا به اليڪشن ڪرائي اها تڪراري رهي، جتي جيڪو اميدوار هارائي ويو ان اهو ئي چي?? ته اليڪشن صحيح نه ٿي. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي راءِ کڻي اچن ته اهي ڇا ٿا چاهين ۽ ڪهڙي طرح چونڊون ڪرائڻ چاهين ٿا. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن جا ٻيا ميمبر اڳتي وڌن ۽ اليڪشن ڪمشنر جي فيصلن جو جائزو وٺن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته جن ادارن زبردست ڪم ڪيو آهي اسان کي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، نادرا 22 ڪروڙ عوام جي ڊيٽا منظم ڪري رهي آهي، پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن مشين ريڊ ايبل پاسپورٽ ۽ مشين ريڊ ايبل آئي ڊي ڪارڊ جاري ڪيا. هن ٻڌايو ته 18 سال جي عمر جي ماڻهو جو جڏهن سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ٿو ته ان جو ووٽ پاڻمرادي طريقي سان داخل ٿي وڃي ٿو، اهو نادرا جو هڪ شاندار ڪارنامو آهي. هن چي?? ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بحران پيدا ٿيندو. هن وڌيڪ چي?? ته اپوزيشن زندگي ۾ پنهنجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪري. هن چي?? ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو بل ??خا??ف ڌر ڏٺو نه آهي، اهي پاڻ وڃي ڌرڻي ۾ ويهي رهيا، پوءِ انهن کي ان وقت شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ميڊيا ٽيمون حڪومت سان جوائنٽ ايڪشن ڪميشن ٺاهڻ تي راضي ٿي ويون، ان کانپوءِ انهن جي ڪهڙي حيثيت رهجي وئي. هن چي?? ته هر اهو ڪم جيڪو حڪومت کي ڪرڻو آهي هي ان جي ??خا??فت ڪن ٿا. پارلياماني جمهوريت ۾ سدائين حڪومت ۽ ??خا??ف ڌر کي ڪجهه ڳالهين تي پنهنجي سوچ وڏي ڪرڻي پوندي آهي. هن چي?? ته اسان 49 سڌارا پيش ڪيا آهن، جيڪڏهن انهن کي اهي ريفارمز پسند نه آهن ته هي پنهنجا سڌارا کڻي اچن، اسان انهن تي ڳالهه ڪري وٺون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان جو هر شخص ان ڳالهه تي متفق آهي ته ملڪ ۾ موجوده چونڊ نظام ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، جڏهن اسان سڌارا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ته هي هر قدم تي رڪاوٽ وجهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بدقسمتي سان پاڪستان جي اندر ??خا??ف ڌر انتهائي نالائق ٻارن تي ٻڌل آهي جن زندگي ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ ڪڏهن ڪو ڪم ناهي ڪيو هوندو ۽ ان کانپوءِ مهتمم سان گڏجي امتحان پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن. چوڌري فواد حسين چي?? ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته 2016ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ووٽنگ مشينز ۽ چونڊ سڌارن جي حمايت ڪري رهي آهي، هاڻي اسان عملدرآمد طرف وڃي رهيا آهيون، ان تي ??خا??ف ڌر جيڪي ترميمون چاهي ٿي اهي اسان کي ٻڌائي، مشين ۾ ڪا گهٽتائي آهي ته ان جو به ٻڌائي پر آئون نه مڃان جي ضد صحيح نه آهي، ان سان پاڪستان ۾ جمهوريت تي عوام جو اعتبار ڪمزور ٿيندو. هن چي?? ته عمران خان صاف شفاف چونڊن جي لاءِ بنيادي جدوجهد ڪئي، 2016ع ۾ چار تڪ کولڻ جو چي?? ويو، هڪ جوڊيشل ڪميشن ٺهي، اهي تڪ کوليا ويا ته خبر پئي ته ڌانڌلي ٿي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي حڪومت ۾ رهندي سڌارن جي ڳالهه نه ڪئي، سدائين ??خا??ف ڌر اهڙيون ڳالهيون ڪندي رهي آهي پر پهريون ڀيرو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ رهندي سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي پر ??خا??ف ڌر چوي ٿي ته اسان کي موجوده نظام به نه گهرجي ۽ ڇا ڪرڻو آهي اها به انهن کي خبر نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته چي?? اليڪشن ڪمشنر پنهنجو پاڻ کي تڪرارن کان جدا ڪري، اهو ان جي عهدي جي منافي آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته اسان جي خواهش آهي ته اڳتي چونڊون غيرجانبدار، غيرتڪراري ۽ شفاف ٿين، ان ڳالهه تي ضد ڪرڻ ته اسان گذريل چونڊ نظام کي جاري رکنداسين، غيرمناسب نه آهي، ان جي نتيجي ۾ اسان وٽ صاف شفاف چونڊن جو تصور متاثر ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 2023ع جي چونڊن بابت فيصلو پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن کي نه. اليڪشن ڪميشن جا سمورا ميمبر اسان جي لاءِ محترم آهن، اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي مفاد ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته اها چونڊن جي لاءِ هر وقت تيار رهي، اليڪشن ڪميشن ۾ ٻن ميمبرن جي نامزدگي ٿيڻي آهي، جڏهن اهي ٻه نوان ميمبر اچي ويندا ته اليڪشن ڪميشن مڪمل ٿيندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته اسان ??خا??ف ڌر کي اعتماد ۾ وٺي هلڻ چاهيون ٿا، ملڪ ۾ چونڊون انهي صورت ۾ بهتر ٿي سگهن ٿيون جڏهن ??خا??ف ڌر ۽ حڪومت ان معاملي تي هڪ پيج تي هوندا. ??خا??ف ڌر ۽ حڪومت کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اڳتي چونڊون ڪهڙي طرح ٿيڻ گهرجن، ان جي لاءِ ??خا??ف ڌر کي پنهنجي ڪيسن کان اڳتي وڌي ڪا ڳالهه ڪرڻي پوندي. 2023ع جون چونڊون سڌارن کانپوءِ ئي ممڪن ٿينديون. هڪ سوال تي هن چي?? ته چونڊ سڌارن جي لاءِ ??خا??ف ڌر پارٽين جا سنجيده م??ڻهو اڳتي اچن، پنهنجي قيادت کي احساس ڏيارين ته چونڊ سڌارا اليڪشن جي لاءِ ضروري آهن.