اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان افغانستان جي فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني ??حران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معاشي مدد تي زور ڏيندي ام??د ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني ??و ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي نمائندن ملاقات ڪئي. وز??راعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت تي زور ڏيندي اسلام آباد ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ درپ??ش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي نمائندن کي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم عمران خان پوري خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ افغانستان ۾ ام?? ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم چيو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته افغانستان جو ڪو فوجي حل نه آهي، اهڙي طرح پاڪستان سمورين ڌرين جي شموليت تي ٻڌل سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ وز??راعظم شموليت، انساني ??قن جي احترام ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پرعزم قدمن تي زور ڏنو. وز??راعظم گڏيل خدشن کي منهن ڏيڻ ۽ ٽرائيڪا پلس ملڪن جي گڏيل مفاد جي فروغ لاءِ افغانستان ۾ عالمي برادري جي عملي سوچ ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني ??حران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي معاشي مدد تي زور ڏنو. هن ام??د ظاهر ڪئي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني ??و ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. وز??راعظم ان ڏس ۾ ٽرائيڪا پلس جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.