اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، مقامي سطح تي راندين ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيرا??ظم نيشنل اسپورٽس پاليسي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انتظامي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيرا??ظم عمران خان چيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ ريگيوليٽر طور تي ڪم ڪندو، پاڪستان اسپورٽس بورڊ نوجوانن کي راندين جي معياري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندو. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ راندين ۾ نوجوانن جي شرڪت وڌڻ سان راندين جو معيار بهتر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ دنيا جو هر ميدان فتح ڪرڻ جي صلاحي?? موجود آهي، اجلاس کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انتظامي ڍانچي، نيشنل اسپورٽس پاليسي، ان حوالي سان صوبن سان مشاورت ۽ راندين جي فر??غ جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ جو آئيني مسودو تيار آهي جنهن تحت بورڊ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن جي انگ کي محدود رکيو ويو آهي. بريفنگ دوران چيو ويو ته بورڊ جي اختيارن ۽ ذميوارين جو تعين ڪندي ملڪ ۾ راندين جي فر??غ ۽ مثبت مقابلي جو ماحول قائم ڪرڻ جو خاص خيال رکيو ويو آهي. آئين تحت اداري جو نئون انتظامي ڍانچو پڻ تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته نئون آئيني مسودو پڻ سي سي ايل سي کان منظور ٿي چڪو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مختلف راندين جي فيڊريشنز جي لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ رجسٽريشن، اليڪشن جو طريقيڪار، ماڊل ڪانسٽي ٽيوشن، ريگيوليٽري فر??م ورڪ ۽ نيشنل اينٽي ڊوپنگ آرگنائيزيشن آف پاڪستان شامل آهن. بريفنگ دوران اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي صوبن سان نيشنل اسپورٽس پاليسي جي تياري جي حوالي سان مشاورت بابت پڻ ٻڌايو ويو. صوبن سان تعاون ۽ رابطا وڌائي سڄي ملڪ ۾ راندين جون سرگرميون وڌايون وينديون. صوبا مقامي سطح تي راندين جي فر??غ ۽ ڪلبز ۽ ايسوسيئيشنز کي سهولت فراهم ڪندا، ان کانسواءِ مقامي سطح تي صوبن پاران اهم راندين تي ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو ويندو. اجلاس کي وڏن شهرن ۾ هاڪي ٽرف جي حوالي سان پڻ ٻڌايو ويو. اسلام آباد ۾ ان تي ڪم مڪمل آهي جڏهن ته واهه ڪينٽ، فيصل آباد، ڪوئيٽا، پشاور، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيرا??ظم عمران خان جاري منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، چئني صوبن جي راندين وارن وزيرن، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.