اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ??يڊ??ا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت ت?? زور ڏنو ته هو وف??قي حڪومت جي سم??رن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اسڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، احساس ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وف??قي حڪومت جي ترقياتي اسڪيمن جي ثمرن کان محروم نٿو رکي سگهجي، وف??قي حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لاءِ آهن.