اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ۽ گڏيل قومن افغانس??ان ۾ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ ۽ او آءِ سي افغانس??ان جي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اجلاس سان افغانس??ان ۾ انساني الميي جي حوالي سان شعور بيدار ٿيو آهي، افغانس??ان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ اقتصادي بحالي جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، هي گڏيل ذميواري آهي پاڪس??ان اڪيلو ان کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، آمريڪا ۽ اولهه ملڪ خطي ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪس??ان جي ڪردار کي ساراهي رهيا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري غيرمعمولي ڪانفرنس کانپوءِ او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ 20 پرڏيهي وزير، 10 نائب پرڏيهي وزير، 70 وفد، پي فائيو، يورپي يونين، گڏيل قومن ۽ ٻين مالياتي ادارن سميت جرمني، جاپان ۽ اٽلي جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙن ۽ او آءِ سي ميمبرن جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ جا مثبت خيال به ٻڌا، ٽام ويسٽ جي بيان مان لڳي ٿو ته آمريڪي موقف ۾ بهتري آئي آهي. ٽام ويسٽ چيو ته آمريڪا طالبان سان گڏ هلڻ چاهي ٿو ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي چاهي ٿو. اجلاس ۾ افغان وفد پڻ حصو ورتو ۽ دنيا کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اميد آهي ته هي غيرمعمولي اجلاس هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن تي کلي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ان سان افغانس??ان ۾ انساني الميي جي حوالي سان شعور بيدار ٿيو آهي. اجلاس ۾ افغانس??ان ۽ فلسطين بابت ٻه دستاويز متفقه طور تي منظور ڪيا ويا. هن چيو ته اجلاس ۾ افغانس??ان ۾ انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جي حوالي سان دنيا کي پيغام ڏنو ويو ته جيڪڏهن 38 ملين افغان عوام جي خراب حالت تي ڌيان ڏيڻ لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. ان کانسواءِ افغان صورتحال تي ڌيان نه ڏنو ويو ته خطو هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد?? جو شڪار ٿي سگهي ٿو جنهن سان نه رڳو پاڙيسري ملڪ پر پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته هي گڏيل ذميواري آهي پاڪس??ان اڪيلو ان کي منهن ٿو ڏئي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته اجلاس جي ذريعي مسلمان امت کي نه دنيا ۾ پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا. آمريڪا ۽ اولهه ملڪ خطي ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪس??ان جي ڪردار کي ساراهي رهيا آهن. هڪ سوال ج?? جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ڀارت سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جي باوجود اسان هڪ مثبت قدم کنيو، انهن 50 هزار ٽن ڪڻڪ افغانس??ان کي ڏيڻ يا اسان کي آزمائڻ چاهيو پئي، اسان انهن کي اهو موقعو نه ڏنو ۽ پاڪس??ان جي رستي ڪڻڪ کڻي وڃڻ جي ڀارت کي اجازت ڏني. افغان عوام جي مالي امداد جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ٽرسٽ فنڊ قائم ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين ڪا امداد ناهي ملي، ڪو بئنڪنگ اڪائونٽ نه آهي جتي امداد وڃي سگهي. بئنڪنگ اڪائونٽ ٺهڻ سان قائم ٿيل فنڊ فعال ٿي ويندو. هن چيو ته انساني امداد کي مشروط نه ڪيو ويندو، عالمي بئنڪ 280 ملين ڊالر فراهم ڪيا آهن جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن 1.2 ارب ڊالر جي استعمال نه ٿيل فنڊز جي استعمال جو اشارو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته نجي افغان بئنڪن کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هڪ سوال ج?? جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڃا افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو وقت ناهي آيو، آهستي آهستي اڳتي وڌڻو پوندو. افغان عبوري حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ آهي ته افغان طالبان جي عبوري حڪومت کانپوءِ ڪسٽم گڏ ڪرڻ جو سلسلو ٻيڻو ٿي چڪو آهي جڏهن ته افغان عبوري پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هو گهڻ رخي متفقه حڪومت جي لاءِ پرعزم آهن. متق?? جو چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ ڪيترن ئي ڌڙن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ڌڙن کي شامل ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن سندس ازبڪس??ان جي پنهنجي هم منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪو افغانس??ان بابت علائقائي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نئين دهلي وڃي رهيو هو ته مون کيس چيو ته توهان نئين دهلي عملدارن کي سجهايو ته اهي منفي رويو ختم ڪن ۽ مثبت رويو اختيار ڪن. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانس??ان ۾ بئنڪنگ چينل بحال نه ٿا ٿين ته امداد جي پهچ ۾ ڏکيائي ٿيندي. او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ چيو ته اجلاس جي ميزباني جي لاءِ پاڪس??ان جي پرڏيهي وزير جا ٿورائتا آهيون. او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل چيو ته ميمبر ملڪن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن جي شرڪت اجلاس جي ڪاميابي آهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته اجل??س انتهائي اهم هو، ڏورس نتيجا نڪرندا، هي رڳو هڪ ڏينهن جي ڪانفرنس نه آهي پر ان جا تاريخي اثر پوندا. هن چيو ته اجلاس ۾ يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا سميت اهم ملڪن شرڪت ڪئي ۽ امداد جو اعلان پڻ ڪيو. افغان ڀائرن جي امداد جي اعلانن سان اميد پيدا ٿي آهي. سرديءَ جي موسم جي ڪري افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ افغانس??ان جي مدد جي لاءِ خصوصي اڪائونٽ کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. افغان عوام جي مدد جي لاءِ پنهنجي عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايون ٿا. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ تحت افغانس??ان جي لاءِ قائم ڪيل ٽرسٽ فنڊ ۾ سمورا ملڪ امداد جمع ڪرائيندا. اسلامڪ فقه اڪيڊمي ۽ عالم سڳورن سان رابطا ڪري ڌرين ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪندي. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي ڪوششن سان ڪامياب اجلاس جي انعقاد ۽ افغان عوام جي لاءِ ڪوششن تي ٿورائتا آهيون.