اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته بلاول قوم کي ٻڌائي ته بينظير جون حڪومتون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن، جڏهن چوريون گڏيل هجن ته ??وءِ پنهنجا سمورا اختلاف پٺتي رهجي وڃن ٿا، بينظير ۽ زرداري تي ڪيس عمران خان نه ٺاهيا پر اهي ڪيس ٺاهيندڙ نواز ۽ شهباز ئي هئا. بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته علي بابا 40 چور، رستن تي گهيلڻ، پيٽ ڦاڙي ڦريل رقم ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ شهباز شريف اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ هن چيو ته ??يپلزپارتي سدائين نوڪريون وڪرو ڪيون، ميرٽ تي پورو لهڻ جي باوجود نذراني کانسواءِ ڀرتيون نه ٿينديون هيون. مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته ??يپلزپارٽي ئي اسٽوڊنٽ يونين ۾ غنڊه گردي، قتلام ۽ بدم??اش?? جو ڪلچر متعارف ڪرايو. روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هاڻي هڪ مذاق بڻجي چڪو آهي، ڪنهن به حڪومت ۾ پيپلزپارٽي ان تي عمل نه ڪيو. مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته اڄ نوجوانن ۾ بيهي بلاول صاف ڪوڙو ڳالهايو ته سنڌ ۾ مفت علاج ٿي رهيو آهي، اڄ به جيڪڏهن سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ مفت علاج آهي ته اهو رڳو صحت انصاف ڪارڊ جي ذريعي ئي ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان وفاداري ڪرڻ چاهي ٿي ته صحت انصاف ڪارڊ پروگرام جي پوئيواري ڪري. هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته ساڍا 13 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون، اسڪول ۽ ڪاليجز کوليا آهن، اصل حقيقت اها آهي ته بلاول جهڙا وڏيرا پاڻ ته علاج ۽ پڙهائي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا انهي لاءِ تعليم ۽ صحت تي ڪم نه ڪري رهيا آهن.