ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگ??يڪ??وٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ توانائي خاص طور تي پاڪستان اسٽر??م گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن ک??نپ??ءِ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو روس جو هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.