اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ??ائونسل جي 48 هين ا??لاس جي سلسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آيو آهي جڏهن ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ا??راهيم طحهٰ به سومر جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي ??يئرمين ۽ وزيراعظم جي بين مذاهب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ محمود طاهر اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ا??راهيم طحهٰ چيو ته پاڪستان جو عالم اسلام ۾ اعليٰ مقام آهي، پ??ڪستان ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀيرا عالم اسلام جي پرڏيهي وزيرن جو اچڻ پاڪستا?? جي مقام کي ??اهر ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ??ائونسل جو 48 هون ا??لاس عالم اسلام جي مسئلن، مسلمان امت جي صورتحال ۽ عالمي دنيا جي حالتن تي اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پرڏيهي وزير سامع شڪري چيو ته پاڪستان ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پ??ڪستان مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ پاڪستان، مصر گڏجي ??م ڪندا. پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي ??يئرمين ۽ وزيراعظم جي خاص نماندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، پ??ڪستاني قوم پنهنجي معزز مهمانن کي ??وش آمديد چئي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ??الهه ٿيندي ۽ امت جي مسئلن لاءِ عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلامي تعاون تنظيم جي حوالي سا?? جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.