اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو هو ته ٻاهرين سازش جي حوالي سان خط پارليام??نٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط پارليام??نٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو ??قا?? آهي جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليام??نٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي ??زير چيو ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار قوم جي سامهون اچي ويو آهي، مخالف ڌر خط کي پارليام??نٽ ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪميٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو ويو ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي ??زير چيو ته ان سرڪس مان صاف واضح ٿي ويو آهي ته اهي م??يل آهن، هن چيو ته ٻاهرين سازش سان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چيو ته اسان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو اسان سان گڏ هجن ها. مملڪتي ??زير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃان تائين پنج اوور باقي آهن، تمام جلد اهم فيصلا ٿيڻا آهن، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، قوم جو اعتماد وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي.