ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف باباءِ قوم جي مزار تي بيهي وچن ??يو آهي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي خدمت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. وزيراعظم لکيو ته ”اسان جي لاءِ هڪ ڌار وطن قائم ڪرڻ جي عظيم جدوجهد ت?? توهان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ توهان جي لاءِ پنهنجي بي پناهه احترام جي اظهار طور توهان جي مزار تي حاضر ٿيو آهيان، اسان توهان کان مغذرت خواهه آهي??ن ته اسان قوم جي حيثيت سان ان راهه جي پيروي نه ڪري سگهياسين جنهن ج?? توهان کي اسان مان اميد هئي. اهڙي طرح توهان جي روح کي اسان مايوس ڪيو، آئ??ن توهان سان پختو وچن ڪ??يان ٿو ته آئون پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندس ۽ ڪوشان رهندس ته آئ??ن توهان جي اميدن تي پورو لهي سگهان.