اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي عقل جي ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي، انهي لاءِ پارليامينٽ مان ڪڍيو ويو، عمران خان جي عقل ۾ آئين جي ڳالهه اچي وڃي ها ته اڌ رات جو عدالت جا دروازا نه کلن ها، عمران خان کي عقل جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته عوام دشمن شرطن تي اکيون بند ڪري معاهدن تي صحيحون نه ڪري ها، عمران کي عقل هجي ها ته معيشت تباهه، رو??گار ختم ۽ تاريخي مهانگائي سان عوام جو ساهه بند نه ٿئي ها، امپورٽيڊ ترجمان پنهنجي ريجيڪٽيڊ ليڊر جي مجروح انا جي تسڪين لاءِ رو?? نوان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي عقل هجي ها ته توهان جهڙا اڌارا ترجمان هجن ها؟ عمران خان ۾ عقل هجي ها ته ف??ح گوگي جي ذريعي ڪرپشن ڪري ها؟ توشا خانه جي قومي امانت ۾ خيانت ڪري ها؟ پنهنجي چئن سالن جي 20 هزار ارب جي تاريخي قرض وانگر ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي گناهن جو رو??اني بار وڌائي رهيو آهي، هن چيو ته عملي طور تي توهان جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي پر توهان مڃڻ لاءِ تيار نه آهيو، جيڪي ماڻهو پاڻ نه ويا انهن کي آئين جي طاقت سان ڪڍيو ويو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان حقيقت کي تسيلم ڪري، عوام فيصلو ڪري چڪي آهي، ان جي سامهون سر جهڪائي، عوام فيصلو ڪيو ته عمران خان جي نالائقي، ناا??لي ۽ ڪرپشن کان جان آجي ڪرائي وڃي، باقي الحمد الله اسان آجي ڪرائي ڇڏي آهي.