اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضاف?? سان عوام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کان??وا??ِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضاف?? سان عوام تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کان??وا??ِ ڪو به چارو نه هو، وز??راعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حوال?? سان قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وز??راعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وز??راعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو ۽ انتهائي غلط معاشرتي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قوم هن وقت جنهن معاشي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي، ان جو ذميدار پاڻ کي ڪيئن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي باري ۾ قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو.