اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار وار?? وفاقي وز??ر مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار وار?? وفاقي وز??ر مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وز??راعظم چيو ته ??فاقي وز??ر جو کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري جي ر??ڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وز??راعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار وار?? وفاقي وز??ر ۽ سيڪريٽري جون ڪوششون و??کاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته ??زيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار وار?? وفاقي وز??ر مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي ر??ڪٿام ڪرڻ هو، صنعت واري وز??ر جي ڪوششن جي ڪري انڊونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جهاز کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار واري وز??ر جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.