اسلام آباد – 31 ̵1; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شري?? بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽوز کي پنهنجي شهرن ۾ موجود رهڻ ۽ پنهنجي نالن ۽ نمبرز سان عوام جي سهولت ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دو??ي تان واپس اسلام آباد پهچندي ئي سڄي ملڪ ۾ بجلي، رستن ۽ مواصلاتي نظام بابت ايف ڊبليو او ۽ ٻين ا??ارن جو نقصانن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي تي جاري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو و??ڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس کي تازي صورتحال ۽ جاري بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.