اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري شعبي ۾ 2000 ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو لڳائڻ جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جا منصوبا شروع ڪري ره?? آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنياد تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو و??ندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳ??ڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيدنويد قمر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٻارڻ سان هلندڙ بجلي گهرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان 14 سيپٽمبر 2022ع تي هڪ انويسٽرز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مقامي ۽ عالمي ملڪن بشمول سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين ۽ قطر مان سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪ??ي ۽ پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي نئين پاور پلانٽس جي لاءِ جڳهه جي چونڊ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو و??و آهي. ان سلسلي ۾ مظفر ڳڙهه جي ويجهو هڪ جڳهه جي سڃاڻپ به ڪئي وئ?? آهي جتي 600 ميگاواٽ جي شمسي توانائي سان هلندڙ پاور پلانٽ جي تعمير ڪئي ويندي. ان کانسواءِ شمسي توانائي سان هلندڙ 11 ڪي وي جي فيڊرز جي حوالي سان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو و??و ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان فريم ورڪ ۽ ??ير?? جي حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پاور ڊويزن، متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ، سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني، نيپرا ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ مشاورت جار?? آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽائيم لائينز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن جلد کان جلد شمسي توانائي سان ٺهندڙ بجلي کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري سگهجي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو و??و ته سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان به ڪم ترجيحي بنيادن تي جار?? آهي. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ٽيوب ويلز شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو و??اقي وزير طارق بشير چيما، پاور ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزارت جو هڪ نمائندو شامل هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي کي جاري ڪرڻ وڃي ره?? آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، شمسي توانائي جي منصوبي سان ملڪ جو دارومدار مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ منصوبن تان ختم ٿيندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. هن چيو ته منصوبي تحت چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنيادن تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو و??ندو، شمسي توانائي جي استعمال سان ڊسٽري بيوشن ۽ لائين لاسز، بجلي جي چوري ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جي مسئلن جو خاتمو ممڪن ٿيندو. هن چيو ته شمسي توانائي جي حوالي سان سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي حڪومت پاران خودمختيار ضمانت ڏني ويندي.