گڏيل قومون -06 آڪٽوبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار لاءِ قرار داد جي ??سودي تي ڪاروائي ڪندي . گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسمبلي جي صدر جي ترجمان پولينا ڪوبيڪ هڪ بريفنگ ۾ چي?? ت?? جنرل اسمبلي جمعي واري ڏينهن تي پاڪستان لاءِ پيش ڪيل ي قرار داد جي ??سودي تي ڪاروائي ڪندي جنهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ۾ 1700 کان به وڏيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 33 ملين بي گهر ٿيا آهن .هن چي?? ت?? جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي انساني امداد ۽ بحالي لاءِ ڪوششن ۾ تيزي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏنو ويندو ۽ ميمبر ملڪن گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي ته هو متاثر آبادي خاص طور تي سڀ کان وڌيڪ خطري کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ملي ڪري ڪم ڪندا رهن . ترجمان ڪو بياڪ چي?? ته موجوده هنگامي امداد کان علاوه عالمي برادري جي ضرورت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو ته جئين وچولي ۽ ڊگهي مدتي بحالي ، نئين سر ??عمير ۽ خطري ۾ گهٽتائي جي ڪوششن سان گڏو گڏ پاڪستان حڪومت جي ??وافقت جي ??نصوبي جي حمايت لاءِ سياسي عزم کي برقرار رکي سگهجي ترجمان جنرل اسمبلي وڌيڪ چي?? ته ان قرار داد ۾ گهڻا اسپانسر ?? هجڻ جي توقع آهي، اها تباهي متاثر علائقن ۾ ڊگهي مدتي بحالي ۽ نئين سر ??عمير جي ??رحلن لاءِ امداد ۽ وڌيڪ امدادي وعدن لاءِ هڪ عهد ساز ڪانفرنس جي گهرائڻ جي به آجيان ڪندي .